گهوٽڪي سانحي جي عدالتي جاچ ٿيندي،15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب

سنڌ حڪومت گهوٽڪي سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو، گهرو کاتي سيشن جج کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪي ۾ پيش آيل سانحي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، گهرو کاتي سيشن جج کي خط لکي ڇڏيو، ڊي سي ۽ ايس ايس پي کي مڪمل سهڪار جي هدايت. گهنوٽڪي ڪجهه ڏينهن پهريان پيش آيل هڪ سانحي واري معاملي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران اهڙي فيصلي کانپوءِ، سنڌ جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي کي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته معاملي جي جاچ ڪري پندرنهن ڏينهن اندر سانحي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. گهرو کاتي خط ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي، ايس ايس پي گهوٽڪي سميت لاڳاپيل اختيارين کي به هدايت ڪئي آهي ته اُهي سانحي جي جڊيشل انڪوائري ۾ سيشن جج سان مڪمل سهڪار ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *