ڳيريلي ۾ جوابدار گهر ۾ گهڙي 50 سالن جي عورت کي قتل ڪري ڀڄي ويو
ڳيريلو (رپورٽر سنڌسماءَچار) ڳيريلو شهر ۾ سڱاوتي تڪرار تان جوابدار فائرنگي ڪري عورت کي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي ويو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو آحي. پوليس جو چوڻ آهي ته، ڳيريلي شهر جي ککراڻي پاڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن الهه ڏنو ککراڻي جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري 50 ورهين جي روبينا ککراڻي کي قتل ڪرڻ بعد سولائي سان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مقتولڻ جي وارثن چيو آهي ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان سندن سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي.