ڳڙهي خيرو جي جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 عورتن سميت 3 ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا

ڳڙهي خيرو ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڳڙهي خيرو ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪَرُ کنيو آهي، ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 3 ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ ولي محمد ڏاهاڻي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب گل حسن عرف ڪاريهر جکراڻي، سندس گهر واري وڏي خاتون ۽ پاڙيسري عورت گلناز خاتون ڏاهاڻي مارجي ويون. اطلاع ملڻ بعد پوليس 4 ڪلاڪ دير سان پهچي مارجي ويلن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. ڳڙهي خيرو ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري کين جيڪب آباد اسپتال نيو ويو ۽ زخمي ٿيل نينگر کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتار عمل ۾ اچي سگهي آهي.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *