ڳڙهي خيرو ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ڪري پنهنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ مقتول عورت جا ٻه پٽ زخمي ٿي پيا آهن.
ڳوٺ گهرام خان بروهي ۾ جوابدار انور بروهي ڪارنهن الزام ۾ فائرنگ ڪري نوجوان “ م ” بروهي کي قتل ڪرڻ بعد گهر پهچي پنهنجي نوجوان زال “ الف خاتون ” کي به پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار جي فائرنگ ۾ عورت جا ٻه پٽ ٻن سالن ۽ ٻيو 7 سالن سخت زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي دوداپور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو ۽ عورت جو لاش سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار انور بروهي واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.