ڳڙهي ياسين: 10 لک 5 لک انعام رکيل ٻه ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪري پوليس وٽ پيش پئجي ويا

Shikarpur crimnals

شڪارپور ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل ٻن ڏوهارين پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، ايس پي شڪارپور جو چوڻ آهي ته گرفتاري ڏيندڙ ڏوهاري صدام مارفاڻي تي 10 لک ۽ لکمير عرف لکو بروهي تي 5 لک رپيا انعام رکيل هو. ايس پي شڪارپور محمد ڪليم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مختلف ڪيسن ۾ روپوش ٻن ڏوهارين صدام مارفاڻي ۽ لکمير عرف لکو بروهي ڳڙهي ياسين پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته گرفتاري ڏيندڙ ڏوهارين صدام مارفاڻي تي 10 لک ۽ لکمير عرف لکو بروهي تي 5 لک رپيا نعام رکيل هو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ڏوهارين تي شڪارپور سميت مختلف ضلعن جي ٿاڻن تي پوليس مقابلن، اغوا، ڦر ۽ قتلن جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *