ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هڪ جيترو مان ماڻيندڙ ۽ بلوچستان جي آجپي ۽ خوشحالي جا خواب ڏسندڙ اکيون نيٺ بند ٿي ويون، بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير سردار عطاءُ الله مينگل اڄ خميس 2 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بي اين پي جي سينئر اڳواڻ ثناءُ الله بلوچ سردار عطاءُ الله مينگل جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سردار عطاءُ الله کي گذريل هفتي دل جي عارضي سبب نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو. ثناءُ الله بلوچ پنهنجي هڪ ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته عطاءُ الله مينگل جو مڙهه سڀاڻي صبح 5 وڳي ڌاري عطاءُ الله مينگل جي اباڻي ڳوٺ وڍ نيون ويندو، سندس جنازي نماز سڀاڻي جمعي ڏينهن 3 سيپٽمبر تي ٽن پهرن جو ٽَي وڳي ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ( ڊولپنگ اسٽوري…)
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …