حيدر آباد ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌي زبان جو حساس ۽ خوبصورت شاعر سوز هالائي 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حُالي ڪيو ويو. سوز هالائي هن ساز ۽ آواز جي حوالي سان مجموعي طور 5 ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن ۾ ڪارو وس قيام، رنگ رتا پيچرا، درشن ڌارائون ۽ قوي جي ڪٿا شامل آهن. سوز هالائي حيدر آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل هو. سوز هالائي ڊگهي عرصي کان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا هو، 4 ڏينهن وينٽي ليٽر تي رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو. سوز هالائي نه رڳو شاعر پر سنڌي سنگيت جو وڏو پارکو ۽ ڄاڻو به هو. هن ساز ۽ آواز جي حوالي سان مجموعي طور 5 ڪتاب لکيا، جن ۾ سنگيت بابت ڪارو وس قيام، شاعري ۾ رنگ رتا پيچرا، درشن ڌارائون ڌار ۽ قوي جي ڪٿا شامل آهن. سوز هالائي جي تدفين پراڻي هالا ۾ قائم سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.
Check Also
قمبر ۾ گهر تي حملو، ناري اغوا، نوجوان مرڻينگ
قمبر(رپورٽر سنڌسماءَچار) قمبر ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويا، فائرنگ …