Tuesday , April 1 2025
Breaking News

عمران خان جو ٻن تڪن تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو وي، 3 تڪن تي مشروط نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سربراهه جي قومي اسيمبلي لاءِ 5 تڪن تان ڪاميابي جا ٻن تڪن جا نوٽيفڪيشن جاري ناهن ڪيا، جڏهن ٻه ته ٽن تڪن تان مشروط طور تي نوٽيفڪيشنز جاري ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن پر عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن سبب ڪجهه تڪن جا نوٽيفڪيشن روڪيا ويا آهن. اي سي پي جو چوڻ آهي ته؛ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان سڄي ملڪ مان قومي اسيمبلي جي 5 تڪن تان سيٽون کٽيون آهن پر اليڪشن ڪميشن سندس ٻن تڪن ۾ ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 53 اسلام آباد جو نوٽيفڪيشن حتمي فيصلي تائين روڪيو ويو آهي. عمران خان جو اين اي 131 تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ تي حڪم تي روڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب عمران خان جو بنون، ڪراچي ۽ ميانوالي ۾ ڪاميابي جو مشروط نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ٽنهي تڪن ۾ عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان مشروط آهي. عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ضابطي جي ڀڃڪڙي سبب روڪيو ويو آهي، ڇو ته سندس خلاف ضابطي جي ڀڃڪڙي جو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *