Friday , January 17 2025

القادرٽرسٽ،190ملين ريفرنس،باني پي ٽي آءِ کي14سال، بشرا بي بي کي7 سال قيد جي سزا

القادر ٽرسٽ ريفرنس جي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم باني پي ٽي آءِ کي 14 سال قيد ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، القادر يونيورسٽي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم

راولپنڊي / اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) القادر ٽرسٽ ريفرنس جي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم باني پي ٽي آءِ کي 14 سال قيد ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، احتساب عدالت اڊيالا جيل راولپنڊي اندر ٻڌائي ڇڏي. عدالت فيصلو باني پي ٽي آءِ، بشرا بي بي سندن وڪيلن ۽ نيب پراسيڪيوٽرجي موجودگي ۾ ٻڌايو.

راولپنڊيءَ جي احتساب عدالت جي  جج ناصر جاويد رانا باني پي ٽي آءِ ۽ اڳوڻي وزيراعظم، سندس گهر واري بشرا بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو محفوظ ڪيل ۽ ٽَي ڀيرا ملتوي ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، عدالت القادر ريفرنس ۾ باني پي ٽي آءِ کي 14 سال قيد، 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالت بشرا بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ باني پي ٽي آءِ ۽ بشرا بي بي وڌيڪ ڇهه ڇهه مهينا قيد جي سزا ڪاٽيندا.

ريفرنس جي فيصلي جي موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيل هئا، جيڪي اڃا تائين برقرار آهن. اڊيالا جيل جي چوڌاري 6 ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن جي اضافي نفري کي مقرر ڪيو ويو. سيڪيورٽي جي معاملن کي سنڀالڻ، نگراني لاءِ ايلٽ فورس ۽ ڊولفن فورس جي اهلڪارن کي بهگه مقرر ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت اسلام آباد، راولپنڊي، لاهنور، ملتان، فيصل آباد سميت مختلف شهرن ۾ به سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

About admin

Check Also

وفاقي حڪومت جو عوام کي آسرو، بجلي 10رپين تائين ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام کي هڪ نئون …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *