
اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مبينا مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جازري ڪيا ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته، نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ آصف ۽ بلاول کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 20 هين مارچ تي پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو وڃي. نيب اختيارين جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي ڪروڙين رپين جي ڏيتي ليتي ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي. مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس اسلام آباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ نيب راولپنڊي پهريون آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي 20 مارچ تي پيش نيب هيڊڪوارٽرز لاهور ۾ پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي نيب طرفان سوال نامو پيش ڪيو ويندو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو مان جيڪو به نيب ٽيم جي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو. اهڙي صورت ۾ مطمئن نه ڪندڙ ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ جا امڪان آهن.