2010۾ ڀرتي ڪيل 8 هزار استاد پڪا ٿي ويا، اين ٽي ايس پاس استادن وارو معاملو وچ تي ڦاٿل

ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَچار) سنڌ سرڪار سنڌ يونيورسٽي جي 2010ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ 8 هزار استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، استادن کي 15 ڏينهن اندر ضلعي سطح تي آرڊر جاري ڪيا ويندا، اين ٽي ايس پاس استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو جاري آهي. سنڌ سرڪار 2010 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 8 هزار استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن کي 15 ڏينهن اندر ضلعي سطح تي آرڊر جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي اين ٽي ايس پاس استادن جو پڪو ڪرڻ وارو مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري سندن ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو جاري آهي. اين ٽي ايس پاس استاد اڳواڻن شفيع محمد سٺيو، فتاح صالح ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سندن مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *