Wednesday , April 2 2025
Breaking News

2018جون چونڊون: ڪراچي مان وڌيڪ بئلٽ پيپرز هٿ، اليڪشن ڪميشن خاموش

ڪراچي( رپورتر   سنڌسماءَچار) قيوم آباد مان بئلٽ پيپرز گند جي ڍير مان هٿ اچڻ کانپوءِ گذري جي هڪ اسڪول مان ٺپا لڳل بئلٽ پيپرز هٿ آيا آهن، سعيد غني دعويٰ ڪئي آهي ته هٿ آيل 154 بئلٽ پيپرز  مان اڪثر تي تير واري نشان تي ٺپا لڳل آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي بيلٽ پيپر ضايع ڪيا ويا، انهن ۾ شينهن ۽ لغڙ تي به ٺپا لڳل آهن،جنهن مان خبر پئي ٿي ته پ پ سميت مختلف پارٽين جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن صاف ۽ شفاف چونڊون نه ڪرائڻ تي استعيفا ڏيڻ گهرجي.هن چيو ته گذري جي هڪ اسڪول ۾ اسڪول ٻار سوين بيلٽ پيپرز آڻي ڏنا آهن، جيڪي انهن جي ڊيسڪ مان مليا آهن. هن چيو ته جنهن تڪ مان هي بيلٽ پيپر هٿ آيا، اهو اين اي 247 ۽ پي ايس 111جو تڪ آهي. هن چيو ته ساڳي هنڌ تان اليڪشن ڪميشن جون سيلز ۽ اسٽيمپز به ملياآهن. هن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪمشنر ناڪامي تي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي .

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *