Wednesday , January 22 2025

ايوان صدر مان جاري ٿيل سنڌ  جي موت جو پروانو-جڳديش آهوجا

ايوان صدر مان جاري ٿيل سنڌ  جي موت جو پروانو-جڳديش آهوجا

8جولاءِ2024ع تي ايوان صدر ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي صدر زرداريءَ سنڌ جي 12 لک 60 ھزار ايڪڙ زمين سميت پاڪستان جي 48 لک ايڪڙ زمين مھيا ڪرڻ ۾ پنھنجي سھولت ڪاريءَ جو واعدو ڪندي ان زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ 6 ڪئنال ھڪ ئي وقت ۽ تيز رفتاريءَ سان کوٽائي ڏيڻ جو معاھدو ڪيو. ان  معاھدي تي عمل ڪرڻ لاءِ ارسا ائڪٽ ۾ ترميم ڪرائڻ جو بہ واعدو ڪيو، ساڳئي وقت سنڌي ماڻھن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاءِ سڄي معاھدي جا ٻيا سڀ پاسا لڪائي پنھنجي فوج ظفر موج کان رڳو ارسا ترميمن خلاف پياليء ۾ طوفان کڙو ڪري پيپلزپارٽي کي مھا قومپرست پارٽي ڪري پيش ڪرڻ شروع ڪيو.

واهه ڙي تارا گول تارا

ڏسندين ھاڻي تون ڏينهن جا تارا

ھاڻي اوھان کي سمجھ ۾ اچي ويو تہ بلاول کي وزيراعظم ٿيڻ جو لالي پاپ ڏيکاري، کانئس پنجاب ۾ مداريء وارو ڪردار ادا ڪرائيندي زرداري صاحب کي ڪيئن ۽ ڇو ايوان صدر پھچايو ويو، ڇو بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي کي ئي باپ بڻائي اقتدار جو حلوو کارايو پيو وڃي، ڇو پنجاب ۽ ڪي پي جا گورنر ھائوس سندن جي خدمت گذاري لاءِ پيش ڪيا ويا آھن؟

ڳالھ تہ صفا چٽي پٽي پئي آھي ۽ پوء  بہ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اھا سمجھ ۾ نٿي اچي تہ ان ۾ الائي ڪھڙو راز آھي؟

8 جولاءِ 2024ع تي ايوان صدر ۾ ويھي صدر زرداريءَ سنڌ جي معاشي قتل جو پروانو جاري ڪيو آھي ۽ مٿان وري قومپرستي ۽ سنڌ دوستيءَ جو جبو پائي سندس انتھائي ڀيانڪ جرم جي پردہ پوشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

No, it’s now or never.

سنڌي ماڻھن کي ھاڻي مصلحتن، مفاھمتن ۽ منافقتن جا سڀ پردا چاڪ ڪري سنڌ ۽ سنڌو نديءَ جي حفاظت لاءِ بغاوت جو علم بلند ڪرڻو پوندو.

ايوان صدر ۾ ويٺل صدر زرداري سنڌ جي قومي وجود لاءِ اھڙو زھريلو نانگ بڻجي ويو آھي جو ھي اتي رھيو ته نه رھندي سنڌ نہ اسان جي سنڌو ندي. اوھان کي جي اعتبار نه ٿو اچي  يا ان ۾ ڪو وڌاءُ ٿو نظر اچي تہ پاڻ پنھنجي اکين سان اھو سنڌ جي موت جو پروانو پڙھي ڏسو جيڪو ايوان صدر ۾ ويھي صدر زرداريءَ جاري ڪيو آھي.

ڇا اڃان بہ اوھان ماٺ ڪري  سنڌ جي اجاڙ ٿيڻ جو تماشو ويھي ڏسندا؟

کپر، گاروڙين سين وڏو وڌووء وير،

نانگ نہ ويندين نِڪِرِي، تو ڏر مٿي آ پير،

ھي تنين جو ڊير، جن جھونا ڳڙھ جلايو.

پنجاب جو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پاڻي بند ڪرڻ کان کتو جواب

About admin

Check Also

قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد

ڪنهن کي به خبر نه هئي ته 20سال اڳ پسند / عدالتي پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *