32سالن دوران ڪراچي ۾ 52 هزار ماڻهن کي قتل ڪيو ويو: ڊي جي رينجرز

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڊي جي رينجرز، ميجر جنرل محمد سعيد چيو آهي ته، آپريشن دوران، سياسي پارٽين مان هٿياربند ونگز ختم ڪيون ويون آهن، 5 سالن دوران ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿيڻ سان روشنين جو شهر بڻجي رهيو آهي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڊي جي رينجرز چيو ته، اها ڳالهه چئي ويندي آحي ۽ درست به آهي ته رينجرز 30 سالن کان وڌيڪ عرصي کان موجود آهي پوءِ امن امان ڇو قائن نه ٿيو؟ هن چيو ته رينجرز ته موجود هئي پر ان کي اختيار ته 5 سال اڳ مليا آهن. ميجر جنرل محمد سعيد چيو ته، اختيارن جي ملڻ کانپوءِ 5 سالن دوران ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪيو ويو آهي. سياسي پارٽين مان هٿيار بند ونگر ختم ڪري ڪراچي کي روشنين جي شهر واري سڃاڻپ واپس ڪرائي آهي. هن چيو ته، 1986 کان وٺي نسلي بنيادن توڙي دهشتگردي جي ٻين واقعن ۾ 52 هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا. 5 سال اڳ تائين شهر مان روزانو لڳ ڀڳ 5 ماڻهو اغوا ٿيندا هئا ۽ ان کان وڌيڪ قتل ٿيندا هئا ۽ ٻيا ڏووهه ان کانسواءِ هئا. ميجر جنرل محمد سعيد جو چوڻ هو ته، 5سال اڳ ڪراچي دنيا جو 6 هون نمبر خطرناڪ شهر هو پر هاڻي صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ ۽ بهتر آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *