ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار)احتساب عدالت 5 ارب 77 ڪروڙ رپين جي ڪرپش ڪيس ۾ گرفتار ٿيل، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي علاج جي سهولت ڏيارڻ بابت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت شرجيل ميمڻ جي بيماري واري معاملي تي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته ميڊيڪل بورڊ شرجيل ميمڻ جو معائنو ڪري ٻڌائي ته کيس ڪهڙي بيماري آهي. عدالت ميڊيڪل بورڊ بابت جاري ڪيل حڪم ۾ چيو آهي ته بورڊ اهو به ٻڌائي ته درخواستگذار شرجيل ميمڻ جو علاج ڪٿي ممڪن آهي؟ عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته اهو به ٻڌايو ته ڇا شرجيل جي زندگي کي ڪو خطرو آهي ڇا؟ عدالت شرجيل ميمڻ جي علاج بابت صحت واري سيڪريٽري کي 16 ڊسمر تائين تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
Tags former information minister Medical Board Sharjeel memon Sharjeel memon medical board
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …