Monday , March 31 2025
Breaking News

وي سي سنڌ يونيورسٽي جو انصاف ! شاگردياڻين کي تنگ ڪندڙ استاد فراز ٻگهيو جي سزا صرف بدلي..

حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن طرفان شاگردياڻين کي جنسي طور تنگ ڪرڻ جو معاملو ظاهر ٿيڻ ۽ سپريم ڪورٽ طرفان نوٽيس وٺڻ کانپوءِ وائيس چانسلر الزام هيٺ آيل ايسوسيئيٽ پروفيسرکي سزا طور تي يونيورسٽي جي دادو ڪئمپس ڏانهن بدلي ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان يونيورسٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سمورن استادن سان مختلف گروپن ۾ ملاقات ڪري مٿن واضع ڪيو آحي ته، ” مان توهان کي مختلف معاملن ۾ بچائيندو رهيس، پر هاڻي منهنجي واس کان ڳالهه چڙهي وئي آهي، انڪري جيڪڏهن ڪنهن جي به خلاف ڪا شڪايت آئي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي“.

ٻي طرف وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت شاگردياڻين کي جنسي طور تنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو جي ڀائٽيي ڊاڪٽر فراز علي ٻگهيي کي فوري طور تي سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي (مين) ڪئمپس مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس دادو بدلي ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *