Saturday , February 22 2025

انساني حقن جو عالمي ڏينهن، لاڙڪاڻي ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، ڪراچي، حيدر آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سميت انساني حقن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون. لاڙڪاڻي ۾ انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف شهرن مان گم ٿيل ننگر چنه، هدايت الله لوهار، آزاد جروار، خادم حسين آريجو، صابر چانڊيو، اعجاز تنيو، بخش مغيري، شاهد جوڻيجو، انعام عباسي ۽ ٻين جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ننگر چنه، هدايت الله لوهار، آزاد جروار، خادم حسين آريجو، صابر چانڊيو، اعجاز تنيو، بخش مغيري، شاهد جوڻيجو، انعام عباسي گم آهن پر ڪٿي به سندن ڏس پتو نه ملي رهيو آهي ۽ نه ئي پويلس سندن جي گرفتاري يا حراست ۾ وٺن بابت ڪجهه ٻڌائي رهي آهي. هنن چيو ته گم ٿيلن جي آزاديءَ لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاجي مظاهرا ڪرڻ باوجود ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هنن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، انساني حقن جي تنظيمن سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته گم ٿيلن کي آزاد ڪرائي سندن گهرڀاتين کي پريشانين کان بچايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *