سرمد سنڌي جو وڇوڙو، هڪ دور جي پڄاڻي – افضل شر
ڪنهن ليکڪ لکيو آهي ته ”جڏھن ڪا ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﻋﻮﺭﺕ ﻣﺮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﮄﺭﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﻮﺍﺯﻥ ﻭڃائي ﻭﻳﻬﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ چنڊ سئو ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺳﻮﮖ ﺟﻮ اﻋﻼﻥ ڪندو ﺁﻫﻲ ۽ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺑﻴﺮﻭﺯﮔﺎﺭ ٿي ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ“
۽ مان چوان ٿو ته ايڪويھ سال اڳ سرمد سنڌي جي موت سان ڪلا جي ڪائناتن جي وسعت پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهي. سندس جوانيءَ جي موت کيس هميشه جي لاءِ جوان جماڻ تصور سان امر ڪري ويو. اڄ به دلين کي گرمائيندڙ سرمد جي مڌر آواز کي ڪڏهن به پوڙهائپ جو گگهو آواز ميساري نٿو سگهي. اسانجي ذهنن ۽ سوچ ۾ سمايل سرمد جي خوبصورت چهري کي ڪڏهن به وڌندڙ عمر جا گُنجھ ڌُنڌلو نٿا ڪري سگهن. سندس سراپا انقلاب گيتن مٿان ڪڏھن به مفاهمت يا منافقت جي دزُ تھ نٿي ڄمائي سگهي. خبر ناهي ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪنهن گائڪ تي ايترو لکيو ويو هوندو پر مونکي ايترو يقين ضرور آهي سنڌ جي ڪنهن به راڳيءَ تي ايترو ناهي لکيو ويو؛ جيترو سرمد سنڌي تي لکيو ويو آهي.!
سرمد جا ڪيترائي گيت؛ جن گيتن لکندڙن جي نالن کان شايد ئي سنڌ واسي واقف هجن، پر انهن امر گيتن کي اصل سڃاڻپ سرمد جي امر آواز ئي امرتا بخشي. ڏات ڪنهن جي ذات جي ميراث ناهي هوندي، اهو سرمد ثابت ڪري ڏيکاريو. مولوي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سرمد سنڌي کان اڳ سندس خاندان ۾ نه سرمد جهڙو ڪلاڪار پيدا ٿيو، نه ئي اڃان تائين سرمد جهڙو سرموڙ راڳي ان گهراڻي ۾ جنم وٺي سگهيو آهي. جڏهن به سنڌ کي انقلابي آواز ذريعي پنهنجو پيغام گهرن، گهٽين، ڳوٺن، ڳلين، شهرن، وستين ۽ واهڻن تائين پهچائڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي ته سرمد سنڌي جو تصوراتي اڙٻنگ وجود اجرڪ ڪنڌ ۾ وجهي ٻانهن لوڏيندي سنڌ جي نوجوانن جي دلين جي ترجماني ڪرڻ لاءِ پهچي ويندو.