اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي جي انساني حقن واري ڪميٽي پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) ۾ ٻارن کي هراسان ڪندڙ جوابدارن کي سر عام ڦاهي ڏيڻ لاءِ قانون ۾ ترميم واري معاملي جي مخالف ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نواز راجا جي صدارت هيٺ ٿيو، چيئرمين بابر نواز جو چوڻ هو ته اهو ڪنهن آمر جو دور ناهي پر هڪ جمهوري دور آهي ۽ جمهوري دور ۾ ڪنهن کي سر عام ڦاهي نٿي ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هو ته سر عام چونڪن تي ڦاهي ڏيڻ بدران قانون سازي جي ضرورت آهي تنهن هوندي ٻارڙين سان زيادتي جي ڪيسن ۾ سينيٽ ڪميٽي طرفان تجويز ڪيل ترميم جي انساني حقن واري ڪميٽي مخالف ڪري ڇڏي آهي.
Tags Hang sentence senate
Check Also
تمام جلد…..ٻيهر اچي رهيا آهيون
سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ خوشخبري ڪجهه اڻٽر مجبورين سبب اوهان کي پري رهياسين، هاڻي جلد …