Sunday , February 23 2025

آخرڪار رائو انوار ويو ڪاڏي؟؟ پوليس سميت ڪو به ادارو رائو انوار کي ڳولهي نه سگهيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جڙتو مقابلي ۾ ماريل نوجوان  نقيب الله محسود جي قتل ڪيس جو مک جوابدار اڃا تائين پوليس جي ور ناهي چڙهيو. پوليس سميت انون لاڳو ڪندڙ ادارا کيس گرفتار ڪري ناهن سگهيا. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ملير، ڪياماڙي، ڪلفٽن ۽ هاڪس بي وارن علائقن جي نگراني سخت ڪئي وئي آهي.  مبينا پوليس مقابلي ۾ 13 جنوري تي ماريل نقيب الله محسود جي قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت جي گرفتاري لاءِ ملير جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ميڊيا جي رپورٽن موجب ڳجهن ادارن رائو انوار ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هنيا پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ نقيب الله محسود جي قتل جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي کان پوءِ انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ اي ڊي خواجا کي اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ 10 ڏينهن جو وقت ڏنو هيو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *