Wednesday , April 2 2025

ڪراچي ۾ لوڊ شيڊنگ، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن کان جاري بد ترين لوڊشيڊنگ جي جاچ لاءِ نيپرا جي اعليٰ سطحي ٽيم ڪراچي پهچي وئي آهي، نيپرا ٽيم شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري رهي آهي. گرميءَ جي شروعات ٿيندي ئي ڪي اليڪٽرڪ پاران سنڌ جي گادي واري شهر  ۾ 10 ڪلاڪن تائين اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ شروع ڪري ڇڏي آهي،جنهن  جو نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليرٽي اٿارٽيءَ نوٽيس ورتو .ذريعن موجب نيپرا ٽيم سڀ کان اڳ ڪي اليڪٽرڪ جي مرڪزي آفيس جو دورو ڪيو، جنهن کان پوءِ ٽيم ڪي اليڪٽرڪ جي جنريشن پلانٽ جو به دورو ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا جي ٽيم 13 اپريل تائين شهر ۾ موجود رهندي ۽  مختلف علائقن ۾ وڃي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو جائزو وٺندي.

About Asghar Azad

Check Also

پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *