اليڪشن ڪميشن خلائي مخلوق جي چونڊن بابت وزيراعظم جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي خلائي مخلوق جي چونڊون ڪرائڻ جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اسان 2018ع جي چونڊن لاءِ تيار آهيون، خلائقي مخلوق طرفان چونڊون ڪرائڻ جا بيان مفروضن تي ٻڌل آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان الطاف خان اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان 2018ع جي چونڊن لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اهم عهدن تي ويٺل شخصيتون اهڙن بيانن کان پاسو ڪن. ترجمان چيو ته خلائقي مخلوق طرفان چونڊون ڪرائڻ جا بيان مفروضن تي ٻڌل آهن. ترجمان چيو اليڪشن ڪميشن آئيني ۽ قانوني ذميوارين ۾ مڪمل طور ٽي آزاد آهي، خلائي مخلوق طرفان اليڪشن ڪرائڻ جو بيان آئين ۽ اليڪشن ڪميشن جي مئنڊيٽ خلاف آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *