لوڊ شيڊنگ سنڌ واسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي: ناصر شاهه

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ جي سڌ سماءَ جي  وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، ڪٿي آهي شهباز شريف جيڪو پکو کڻي احتجاج ڪندو هو. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وفاق جي پيدا ڪيل آهي، پاڻي کوٽ خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. ميان صاحب ممبئي حملن بابت بيان ڏئي پنهنجي پوري پارٽي کي پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير چيو ته وزيراعظم سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ هڪ ۽ اسيمبلي ۾ ٻيو بيان ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته وزيراعظم پارليامينٽ اچي آگاهه ڪري ته هن سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ڪهڙو بيان ڏنو آهي، هر جڳهه وزيراعظم پنهنجو بيان تبديل ڪري رهيو آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته ميان صاحب پنهنجي غلط مقصدن ۾ ڪامياب ٿي نٿو سگهي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *