نواز شريف 30 سالن کان اسٽبلشمينٽ جي ڪلهي تي سياست ڪئي: آصف زرداري

لاهور ( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف 30 سال اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهي تي سياست ڪئي، ڪجهه ماڻهن اقتدار جي لالچ ۾ ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳايو آهي. لاهور ۾ پ پ جي افطار پارٽي تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته سزا ڏيارڻ سندن مقصد نه آهي، ماڻهن کي غلطيون ياد ڏياري معاف ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڪيترائي ماڻهو تڪليف آهن، پهرين ملڪ ۽ ڌرتي آهن، جتي قبر هجي ٿي اها جاءِ اهميت رکي ٿي، بدقسمي سان اهي ماڻهو طاقت جي نشي ۾ اڄ ڌرتي جو به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. آصف زرداري چيو ته پهرين به شهيد ڀٽو جو ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو، جيڪو اڃا تائين پينڊنگ ۾ آهي. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته نواز شريف 30 سالن کان اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهي تي سياست ڪري رهيو آهي. نواز شريف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پهرين هو پنهنجي دڪان بابت ٻڌائي ته اها هن ڪٿان ٺاهي، پاڪستان ۾ سندس بزرگ ڇا کڻي آيا هئا ۽ هاڻي اوهان ڇا آهيو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *