فيض گنج ۽ تنگواڻي سميت مختلف ڳوٺن ۾ هڪ ڏينهن دوران ارڙي وگهي 6 ٻارڙا فوت

فيض گنج/تنگواڻي( رپورٽرز   سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ ارڙيءَ وگهي اڄ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا، اوٻاوڙي ۾ 3 ٻارڙن، تنگواڻي ۾ وڌيڪ ٻن ۽ فيض گنج جي ڳوٺ رحمت چانگ ۾ به هڪ ٻار دم زنفگي جي جنگ هاري ويو. سنڌ ۾ ارڙيءَ تي اڃا تائين ضابطو اچي نه سگهيو آهي، اوٻاوڙي ۾ 3 ۽  تنگواڻي ۾ وڌيڪ 2  ٻارڙا ارڙيءَ وگهي فوت ٿي ويا آهن. اوٻاوڙي جي ڳوٺ عارب ملڪ ۾ ارڙي ۾ مبتلا 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوتي ٻارن ۾ ٻن ورهين جو محمد يامين، هڪ سال جو احسان ملڪ ۽ ٻن ورهين جو غلام محمد ملڪ شامل آهن. تنگواڻي جي ڳوٺ ملڪ محل ۾ به ٻه ٻارڙا ٻن ورهين جو رياض ۽ 3 ورهين جي نياڻي صدوري ارڙيءَ وگهي فوت ٿي ويا.  تنگواڻي ۾ ارڙيءَ وگهي هڪ مهيني دوران فوت ٿيل ٻارن جو انگ وڌي  22 ٿي ويوآهي، جڏهن ته هن وقت تائين صحت کاتي ڪي به قدم نه کنيا آهن.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *