Sunday , December 22 2024

پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي ڪرپشن ريفرنس داخل ٿيڻ بعد ضمانت ڪرائي ورتي

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي خلاف نيب ڪرپشن ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، لياقت جتوئي گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان 19 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، هاءِ ڪورٽ لياقت جتوئي کي هدايت ڪئي آهي ته وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي جي عارضي ضمانت منظور  ڪندي نيب کي 12 جون تائين ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران لياقت جتوئي جي عبوري ضمانت منظور ڪئي. عدالت لياقت جتوئي کي 12 لکن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. درخواست ۾ لياقت جتوئي موقف اختيار ڪيو ته وفاقي وزير جي حيثيت ۾   هن ڪا به بدعنواني نه ڪئي هئي. درخواست ۾ چيو ويو ته نيب کيس بدنيتي جي بنياد تي حراسان ڪري رهي آهي، ان ڪري نيب کي روڪيو وڃي. عدالت لياقت جتوئي جي عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کي 12 جون تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *