جمائمه خان پاران ريحام خان جو ڪتاب برطانيه ۾ ڇپجڻ جي صورت ۾ عدالت وڃڻ جو اعلان

لنڊن(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عمران خان جي اڳوڻي گهرو واري جمائمه گولڊ سمٿ ريحام خان جي ڪتاب تي پنهنجي اڳوڻي وَر جي حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي، جمائمه گولڊ سمٿ چيو آهي چيو آهي ته ريحام خان جو ڪتاب برطانيا ۾ شايع ٿيڻ جي قابل نه آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ جمائمه گولڊ سمٿ چيو ته ريحام خان جو ڪتاب لنڊن ۾ شايع ٿيڻ جي قابل نه آهي ۽ يقين آهي ته اهڙو ڪتاب برطانيا ۾ شايع به نه ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن اها ڪتاب شايع به ٿيو ته پوءِ هو پنهنجي 16 ورهين جي پٽ ذريعي ريحام کي هرجاڻي جو نوٽيس اماڻيندي. جمائمه گولڊ سمٿ چيو ته ريحام خان جو ڪتاب لنڊن ۾ شايع ٿيو ته پوءِ هو سندس خلاف نجي زندگي ۾ دخل اندازي جو ڪيس به داخل ڪرائيندي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *