ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ روڊن تان اشتهاري ڀتون ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي 10 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ڪراچي جي روڊن تي ڪنهن اشتهاري ڀتون ٺاهيون آهن، کين ڪنهن اجازت ڏني آهي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته شهر جي سمورن روڊن تان اشتهاري ڀتون ڊاهي 10 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.ڪراچي ڪنٽومينٽ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته اشتهاري ڪمپنيز کي نوٽسز موڪليا ويا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪمپنيز کي نوٽيسز جاري ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ڪارروائي ڪئي وڃي.
Check Also
پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف
ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …