اسان جي صبر ۽ برداشت جو امتحان نه وٺو: نواز شريف

لنڊن( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نواز شريف چيو آهي ته جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو اليڪشن کان اڳ ئي نقصان پهچائي چڪو آهي، اسان جي صبر ۽ برداشت جو امتحان نه ورتو وڃي، لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته اسان اهو به ڏسي رهيا آهيون ته چونڊن ۾ ڪنهن کي فائدو ۽ ڪنهن کي نقصان پهچايو پيو وڃي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورا معاملا پاڻ سنڀالي، ڇو ته چونڊون ڪرائڻ ڪنهن ٻئي جو نه، اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سان چونڊن کي نقصان پهچي چڪو آهي، چونڊن ۾ ڪنهن به اداري جي مداخلت تسليم نه ڪنداسين. نواز شريف جو چوڻ هو ته، چونڊن ۾ ڌانڌلي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، نواز ليگ کي نشانو بڻايو پيو وڃي، هُو اهو به ڏسي رهيا آهن ته چونڊن ۾ ڪنهن کي فائدو ۽ ڪنهن کي نقصان پهچايو پيو وڃي. ايل سي ايل ۾ نالا وجهڻ بابت سوال جي جواب ۾ نوازشريف چيو ته عدالت کيس 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي پوءِ اي سي ايل ۾ نالا وجهڻ سان ڪهڙو فرق پوندو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *