راشد محمود سومرو اين اي 200 تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ اليڪشن ڪميشن پهچي ويو

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي  قومي اسيمبلي جي هارايل ايم ايم اي اميدوار راشد محمود سومري چونڊن نتيجن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. راشد محمود سومري ڊي آر او ۽ آر او کانپوءِ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي. ايم ايم اي اميدوار راشد محمود سومري پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته چونڊن واري ڏينهن پولنگ وارو عمل ختم ٿيڻ بعد 25 ڪلاڪن تائين منهنجي تڪ جو نتيجو روڪيو ويو ۽ سخت احتجاج بعد اهو نتيجو پڌرو ڪيو ويو، جنهن ڪري ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي. لاڙڪاڻي جي اين اي 200 تي راشد محمود سومري جو مقابلو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان هو، جنهن جي نتيجن موجب بلاول ڀٽو زرداري 90 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته راشد محمود سومري کي 50 هزار کان وڌيڪ ووٽ مليا هئا.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *