سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فرزانا جمالي کي هيسائڻ جو نوٽيس ورتو، سيشن جج کان رپوٽ طلب

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ نوابشاهه جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي هيسائڻ وارين خبرن جو نوٽيس وٺندي سيشن جج نوابشاهه کان ٽن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس احمد علي شيخ اخبران ۽ ٽي وي چيئنلز تي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي ۽ استاد پاران جنسي طور تي هيسائڻ وارين خبرن جو نوٽيس ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ ناوبشاهه جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي هدايت ڪئي آهي ته، معاملي جي مڪمل جاچ ڪري ٽن ڏينهن اندر کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي..

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *