وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کي ٿڏي ڇڏيو،21گريڊ جو ڪليم امام آءِ جي سنڌ مقرر

ڪراچي (رپورٽ:اصغر آزاد) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف او پي ايس تي آءِ جي سنڌ جي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، قانوني ماهرن جو چوڻ آھي ته وفاق جو اهڙو عمل توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. وفاقي حڪومت 21 هين گريڊ جي پوليس آفيسر ڊاڪٽر ڪليم امام کي 22 هين گريڊ جي پوسٽ تي آءِ جي سنڌ طور مقرر ڪيو ويو، جنهن جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. ڪليم امام کي آءِ جي سنڌ طور مقرري واري نوٽيفڪيش ۾ به واضع طور لکيل آھي ته، ايڪيهين گريڊ جي ڪليم امام کي اون پي اسڪيل تي.انسپيڪٽر جنرل طور مقرر ڪيو وڃي ٿو، جيڪو حڪم فوري طور 7 سيپٽمبر کان لاڳو سمجهيو ويندو.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *