حب (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ ۾ بيٺل ناڪارا بٺيل سامونڊي جهاز ۾ اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 7 پورهيت سڙي زخمي ٿي پيا آحن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو رضاڪارن جو چوڻ آهي ته کين اطلاع مليو ته گڏاڻي جي سمنڊ ڪناري تي شپ بريڪنگ يارڊ ۾ هڪ پراڻي جهاز ۾ باهه لڳي وئي آهي، هُو جيئن ئي اتي پهتا ته باهه جهاز وڪوڙي رهي هئي ۽ اها اڃا پهرين استيج تي هجڻ ڪري ان کي وڌڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ باهه تي ضابطي آڻڻ جون ڪوشش هلندڙ آهن. ريسڪيو رضاڪارن موجب، جهاز تي ڪم ڪندڙ پورهيتن مان 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آحن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ زخمين مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …