رمشا قتل ڪيس جو مک جوابدار ذوالفقار وساڻ عرف زلو وساڻ گرفتار

ٺري ميرواهه/ڪوٽڏيجي/خيرپور (رپورٽرز سنڌسماءَچار) ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنب ڀرسان گهر اندر قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي عمر طفيل نينگري جو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيڻ واري ڳالهه کي ڳنڍ ڏئي ويهي رهيو. ڪنب ڀرسان ڳوٺ پير گڊو ۾ 6 ڏينهن اڳ جوابدارن پاران گهر اندر گهڙي بي رحمي سان قتل ڪيل نينگري رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ڄاڻايل ذوالفقار وساڻ عرف زلو وساڻ کي اي ايس پي ڊاڪٽر عمران خان جي سربراهي ۾ جوڙيل پوليس جي ٽيم زلو وساڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  ايس ايس پي خيرپور عمرطفيل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته زوالفقار وساڻ کي ڳوٺ پير گڊو مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي خيرپور ان ڳالهه تي به ڳنڍ ڏئي بيٺو آهي ته رمشا وساڻ کي زولفقار وساڻ چئن ٻين جوابدارن سان گڏجي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *