پسند جو پرڻُو ڪندڙ شڪارپور واسي جوڙي جا خيرپور مان گوليون لڳل لاش هٿ

خيرپور(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ست مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ شڪارپور واسي ناري ۽ نوجوان جو خيرپور شهر مان هٿ، لاش اسپتال ۾ پيل، ناري ۽ نوجوان مان ڪنهن جا به وارث نه پهتا، لاش اسپتال ۾ پيل. خيرپور جي شهيدان پاڙي واري علائقي جي هڪ ڦٽل جاءِ مان نوجوان ناري ۽ نوجوان جا گوليون لڳل لاش هٿ اچڻ بعد پوليس لاشن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاشن مان ناري جي ثمينا مارفاڻي شڪارپور جي جاڳڻ ۽ نوجوان علي نواز مارفاڻي جي نالن سان سڃاڻپ ٿي وئي وئي. ٻنهي لاءِ معلوم ٿيو آهي ته، ناري شڪارپور جي جاڳڻ واري علائقي ۽ نوجوان علي نواز مارفاڻي خيرپور جي پيرجوڳوٺ جي ڪچي واري علائقي جو رهواسي هو. ٻنهي 7 مهينا اڳ مائٽن جي مرضي خلاف پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد خيرپور جي لقمان واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي، رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته اُهي ڪيترو پراڻا آهن. پوليس ۽ علائقي واسين موجب لاش هڪ يا ٻه ڏينهن پراڻا لڳي رهيا هئا، ٻنهي جي جسمن تي تشدد ٿيل هو ۽ گوليون به لڳل هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش اسپتال ۾ پيل آهن، ناري ۽ نوجوان جي وارثن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *