Wednesday , April 2 2025

هندو نوجوان مسلمان ٿيڻ بعد مسلمان ناري سان پرڻو،ناري تي اغوا جو الزام

شهدادپور ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊگهڙي جي رهواسي هندو نوجوان اسلام قبول ڪرڻ  بعد شادي به ڪري ڇڏي آهي، نوجوان جي وارثن عورت تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته ان عورت سندن نوجوان کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪئي آهي. ڊگهڙي شهر مالهي پاڙي واسي هندو نوجوان سُنيل مذهب تبديل ڪري اسلام قبول ڪري ورتو آهي. نوجوان جو اسلامي نالو علي رکيو ويو آهي. سنيل عرف سونو مذهب تبديل ڪرڻ بعد ماريا نالي مسلمان عورت سان شادي ڪري ڇڏي آهي. ساماري ۾ نوجوان جو نئون نالو علي رکيو ويو آهي. نوجوان جو چوڻ آهي ته هو رضا خوشي سان مسلمان ٿي ماريا سان شادي ڪئي آهي. ناري طلاق يافته ۽ هڪ ٻار جي ماءُ آهي. ٻئي پاسي نوجوان سونو جي والد مدن لال ڊگهڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي چيو آهي ته ناري ماريا سندس پُٽ کي اغوا ڪيو آهي. پوليس طرفان رابطو ڪرڻ بعد جوڙي نڪاح نامو ۽ سندَون ڏيکاريون، جنهن بعد پوليس واپس موٽي وئي.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%D8%B3%D9%86%DA%8C-%DB%BE-%D8%A7%D9%8A%DA%8A%D8%B2-%D8%AC%D8%A7-%DA%87%D8%B1%DA%AA%D8%A7%D8%A6%D9%8A%D9%86%D8%AF%DA%99-%D8%A7%D9%86%DA%AA%D8%B4%D8%A7%D9%81%D8%8C-%DA%8A%D8%A7%DA%AA%D9%BD%D8%B1-%D8%A2/

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *