بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي تي حملو ڪيس، جوابدار آجا

بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي تي حملو ڪيس، جوابدار آجا، بلاول تي 2018 جي عام چونڊن جي مهم دوران لياري ۾ حملو ٿيو هو

ڪراچي (ڪورٽ رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي لياري ۾ حملو ڪندڙ سمورن جوابدارن کي عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلاول ڀٽو جي قافلي تي حملي واري ڪيس ۾ سمورن جوابدارن کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع جي چونڊن جي موقعي تي مهم دوران بلاول ڀٽو جي قاتلي تي ٿيل حملي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. عدالت پي ايس 207 تي متحده اُميدوار سوڌو ٻين جوابدارن کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. پ پ چيئرمين جي قافلي تي حملي جو ڪيس ڪلري ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو. جنهن ۾ متحده اُميدوار رفيق هڱورو سوڌو ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو. جوابدارن تي فساد، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ چڙهايون ڪرڻ جا قلم لاڳو ٿيل هئا.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *