وفاقي ڪابينا صحافين جي تحفظ بابت بل جي منظوري روڪي ڇڏي
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت انساني حقن واري وزارت پاران صحافين جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل بل جي مسودي جي منظوري روڪي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمرا ن خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ لاءِ بل لاءِ تيار ڪريل بل جو مسودو پيش ڪيو ويو، سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب، اجلاس ۾ وفاقيي گهرو وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل اختيارين بل جي تيار ڪيل مسودي جي مخالفت ڪئي، جنهن بعد وزيراعظم عمران خان ان تي ڪابينا جي ٻين ميمبرز ۽ قانون واري وزارت جي اختيارين کي به وڌيڪ بحث کان روڪي ڇڏيو، وزيراعظم جي هدايت تي مسودي جي منظوري ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي.
انساني حقن جي تحفظ واري وفاقي وزارت پاران صحافين جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل بل جي مسودي ۾ چيو ويو آهي ته، بل جو مقصد “ مطابق، صحافين ، ميڊيا پروفيشنلز، ميڊيا ورڪرز جي اظهار جي آزادي، تحفظ، آزادي ۽ غير جانبداري کي هٿي ڏيارڻ کي بهتر نموني يقيني بڻائڻ آهي”. ذريعن جو چوڻ آهي ته بل لاءِ تيار ڪيل مسودي کي گهرو وزارت کي اماڻي ان تي نظرٿاني جي هدايت ڪئي وئي آهي، گهرو وزارت کي اهو به اختيار آهي ته مسودي کي پنهنجي(گهرووزارت) جي ماتحت ادارن کي به موڪلي سگهي ٿي ۽ ان بل تي انهن کان راءِ، ترمميم ۽ نوان نقطا شامل ڪرڻ ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن کان راءِ وٺي مسودو واپس لاڳاپييل اختيارين ڏانهن اماڻيون وڃي.
http://www.sindhsamaachar.com/ur/%da%af%d8%a7%d8%ac-%da%8a%d9%8a%d9%85-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d9%85%d9%84%d9%8a%d9%84-6-%d8%a7%d8%b1%d8%a8-%d8%b1%d9%be%d9%8a%d8%a7-%da%aa%d8%b1%d9%be%d8%b4%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d9%88%d8%b1-%da%86/?fbclid=IwAR3mgME7QTL8w5148prACaZdzBQNN_RHiOcPsGUUPKwo7gKLGoocoo4Arbg