ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق وفاقي وزير ٿيڻ بعد پهريون ڪم پي ٽي سي ايم مان سنڌي ٻولي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) وفاقي حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ۽ سندس اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جي سنڌي ٻولي سان دشمني وارو رويو منظر تي اچي ويو آهي، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پاران لينڊ لائين فون ۾ شامل پيغامن ۽ رهنمائي لاءِ شامل سنڌي ٻولي ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ سنڌي رڪاڊنگ کي ختم ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل امين الحق انفارميشن ٽيڪنالوجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن جي وفاقي وزير جو حلف کڻڻ ۽ وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پهريون قدم پي ٽي سي ايل مان سنڌي ٻولي جي رڪاڊڻگ وارا پيغام ختم ڪراچي ڇڏيا، ٽويٽر ۽ فيس بڪ سميت سماجي رابطن جي مختلف ويب سائيٽس تي وارن پيغامن ۽ رهنمائي وارا سنڌي ۾ رڪارڊنگ پيغام ختم ڪرڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ باوجود وزيراعظم عمران خان سميت تحريڪ انصاف جي سنڌي اڳواڻن به اڃا تائين نوٽيس ناهي ورتو.