ڪراچي ( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان ڪراچي پورهيو ڪرڻ يا مستقل آباد ٿيندڙ سنڌين کي مهاجر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ فردوس شميم نقوي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، اسان جا وڏا مهاجر هئا پر هاڻي اسان ڪراچي جا مقامي ماڻهو ۽ پاڪستاني آهيون، پٺاڻ، پنجابي به هاڻي ڪراچي جا مقامي رهواسي آهن. هن چيو ته، ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ٻين شهر ۽ ڳوٺن مان پورهيو ڪرڻ لاءِ ايندڙ يا مستقل طور ڪراچي ۾ آباد ٿيندڙ سنڌي مهاجر آهن.
Tags Firdous Shamim Naqvi Imran khan PTI پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي مهاجر قرار ڏئي ڇڏيو مهاجر
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …