Wednesday , April 2 2025
Breaking News

وفاقي حڪومت پاران مهانگائي سٽيل عوام لاءِ مهانگي عيدالفطر جو اعلان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اتحادي وفاقي حڪومت مهانگائي سٽيل عوام لاءِ مهانگي عيدالفطر جو اعلان ڪندي پيٽرول 10 رپيا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مختصر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 10 رپيا في ليٽر تائين اضافو ڪيو پيو وڃي. اسحاق ڊار چيو ته، پيٽرول في ليٽر 10 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 272 رپين مان وڌي 282 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. گاسليٽ 5 رپيا 78 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ بعد 186 رپيا 7 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو  آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ۽ لائٽ اسپيڊ ڊيزل جا اگهه برقرر رکيا ويا آهن، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرگير وارو حڪم ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *