Sunday , December 22 2024

ھڪ ٻئي صحافي جو بيروزگاريءَ جي صدمي ۾ وڇوڙو، اچو صحافتي تنظيمن کان پڇاڻو ڪجي

(صحافين جي حقيقي مسئلن تي روزاني هلچل اخبار جو هي ايڊيٽوريل نظرن مان گذريو، جنهن کي سنڌسماءَچار جو سٿ به پنهنجو موقف سمجهي ٿو، اهو ايڊيٽوريل سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو _ ادارو)

روزاني هلچل جو ايڊيٽوريل

ھڪ ٻئي صحافي جو بيروزگاريءَ جي صدمي ۾ وڇوڙو، اچو صحافتي تنظيمن کان پڇاڻو  ڪجي  

جنھن ڏينھن سنڌ ۾ عام ماڻھو بجيٽ جو منتظر ھو ۽ اڪثر سرڪاري ملازمن وفاقي سرڪار طرفان پيش ڪيل بجيٽ ۾  نام نھاد وڌايل پگھارن جي انگن اکرن جي ھيراڦيري جو حساب ڪتاب ڪرڻ ۾ مصروف ھئا، ان ڏينھن ھڪ صحافي امين راجپوت جي وفات جي خبر سامھون اچي ٿي، جيڪا نه ريڊيو تي ھلي، نه ڪنھن نيوز چئنل ھلائي ۽ نه وري  سرڪاري خابرو اداري نشر ڪئي، پر اھا سوشل ميڊيا تي ھلڻ سان ھر دل رکندڙ کي اداس ڪري وئي، جيتوڻيڪ ھر ڪنھن کي ھيءَ دنيا ڇڏڻي آھي، پر ڪي موت اھڙا  ٿين ٿا، جيڪي جيءَ جھوري ڇڏيندا آھن، امين راجپوت جو وڇوڙو به ڪجھ اھڙو ئي ٿيو آھي، ڇاڪاڻ  ھڪ ته ھو بيمار ھو ۽ ٻيو وري ڊگھي عرصي کان بيروزگاري کيس اڪيلو ڪري ڇڏيو، جنھن بعد  ھو دنيا جي منافقاڻي رويي جو شڪار ٿي ھليو ويو،

پاڪستان  ۾ صحافي جيترا با اثر سمجھيا  وڃن ٿا، اوترا ئي اھي وري پنھنجي معاملن ۾ بي اثر، مطلب ته ڪمزور ھوندا آھن،اُھي سرڪاري يا غير سر ڪاري  ڪنھن به اداري جي ملازمن جي مسئلن لاءِ  ته آواز اٿاري يا ڳالھائي سگھن  ٿا، پر سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته پنھنجي لاءِ ڪا ِٻڙڪ ٻاھر ڪڍي سگھن، جڏھن ته انھن جي حقن لاءِ درجنن جي انگ ۾  تمظيمون به چئني صوبن ۾ موجود آھن، ان ھوندي به اھي روزانو ڪنھن نه ڪنھن اداري مان ڪنھن سبب يا بنا سبب جي مختصر نوٽيس تي ڪڍيا وڃن ٿا، مزي جي ڳالھ ته ٻين لاءِ جاب سيڪيورٽي ليٽر ضرروري ھجڻ جو دليل ڏيندڙ پاڻ وري اڪثر ادارن ۾ ڪنھن  اپائٽمينٽ ليٽر کان سواءِ نوڪري ڪن ٿا، ان ڪري کين نوڪري مان ڪڍڻ منٽن جو ڪم ھوندو آھي، پوءِ ڀلي اھي ڪنھن اداري  ۾ 10 يا 20 سال  ئي ڇو نه رھيا ھجن، انھن کي بس رڳو اھو چيو ويندو آھي ته سڀاڻي کان توھان نه اچجو، ِاھي اُھي لفظ ھوندا آھن جيڪي ڪيترين ئي مشڪلاتن جو شڪار صحافين  جي دماغ  ۾ ڪنھن ِجي ٿريء گن مان نڪرندڙ گولي جيان ٺڪاءُ ڪندا آھن ۽ اھي انھن ادارن مان ڪجھ منٽن ۾ ھليا ويندا آھن، جتي ھو بيماري، دھشتگردي، برساتن ،طوفانن، سخت سردي، موتمار گرمين، ٽرانسپورٽرن جي ھڙتال، پنھنجي ٻارڙن جي سالگرھ، شادي غمي يا ٻين سببن  باوجود پھچندا ھئا.

      

بيروز گاريءَ واري حالت ۾  دنيا ڇڏي ويندڙ ڪراچي جي صحافي امين راجپوت بابت جيڪي ڳالھيون سامھون آيون آھن، اھي ٻڌي شايد ئي ڪو ماڻھو  پنھنجا لڙڪ روڪي سگھي، چون ٿا ته ڪجھ عرصو اڳ ھڪ اداري مان ڪجھ صحافين  کي نيڪالي ملي ، جنھن ۾ امين راجپوت به شامل ھو، ھن گھڻي ڪوشش ڪئي ته ڪٿي نوڪري ملي، پر ناڪام ٿيو، اهڙي مايوس ڪندڙ صورتحال ۾ ھو نيڪالي ڏنل اداري سامھون  آپگھات جو اعلان ڪري ٿو، اھا خبر وائرل ٿيڻ تي سندس  ويجھا صحافي دوست ھٿ پير ھڻي کيس اداري مان رھيل پگھارون ڏيارڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا، پر بيروزگاري سبب مسلسل پريشان رھيو، ان صورتحال سندس گھرو زندگي تي به اثر ڇڏيا ۽ گھرواريءَ کيس ڇڏي وڃي ٿي، جيڪا پوءِ  وري  گھڻي وقت  بعد واپس ٿئي ٿي ۽ اوڙي پاڙي جي گھرن ۾ ڪم ڪار ڪري گھر ھلائي ٿي، اھا سموري صورتحال ان شخص کي ڪيئن ٿي مطمئن رکي سگھي، جيڪو پنھنجي قلمي پورھئي سان پنھنجن ٻچن جو باعزت طريقي  پيٽ پاليندو ھو، ائين ڄڻ ته ھو  زندھ ھوندي به مري چڪو ھو، آخر ڪار  ھو ”نوڪري ڇو نٿو ڪرين“ جا مھڻا سھندي سدائين لاءِ  موڪلائي ويو.

امين راجپوت اھڙي وقت ۾ بي حسي ۽ بيوسي جي حالت ۾ لاڏاڻو ڪيو آھي، جڏھن انھن صحافتي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن کي ڪروڙين رپين جا چيڪ مليا آھن، جن جي دعويٰ آھي ته اھي صحافين جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ڪم ڪن ٿا ، اھا ٻي ڳالھ آھي ته ڪجھ بااثر صحافين کانسواءِ ڪنھن  عام صحافي کي ڪو فائدو ناھي ٿيو، جيڪا انتھائي نه رڳو مايوس ڪندڙ  پر سخت مذمت ڪرڻ واري صورتحال آھي، ڇاڪاڻ ته امين راجپوت ڪو پھريون صحافي ناھي، اھڙا ڪيترائي صحافي  ڪسمپرسي واري حالت ۾ دنيا ڇڏي ويا ۽ اڃا به ڪيترائي موجود آھن، جيڪي سفيد پوشي سبب پاڻ کي ظاھر نٿا ڪن.

اسان سمجھون ٿا ته صحافين جي اھڙي حالتن جي ذميدار جتي حڪومت آھي، اتي وڌيڪ صحافتي تنظيمون آھن، جيڪي نه صحافين جي نوڪرين جو تحفظ ڪري سگھيون آھن ۽ نھ ئي وري ميڊيا مالڪن سامھون ڳالھائڻ جي سگھ رکن ٿيون، ان کان وڌيڪ ڪھڙو افسوس ڪجي ته سرڪاري فنڊ صحافين جي نالي وٺڻ  باوجود سندن مدد نٿيون ڪن، ان ڪري صحافي برادري انھن تنظيمن کان پڇاڻو ڪري ۽ سرڪار کي به گھرجي ته فنڊن جي آڊٽ ڪئي وڃي ته اھي ڪٿي ٿا خرچ ٿين؟ ان ڏس ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزارت کي تحرڪ وٺڻو پوندو.

About admin

Check Also

نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي

ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *