سنڌي اخبارن جي گڏيل ايڊيٽوريل واري پاليسي ۽ صحافتي تنظيمون_اصغر آزاد
ڪو دور هوندو هو جو سنڌي اخبارون، سنڌ جي زندگي موت وارن مسئلن سميت اهم معاملن تي ” گڏيل ايڊيٽوريل لکنديون هيون، ان جي ذميواري ڪنهن هڪ اخبار جي ايڊيٽر يا ايڊيٽوريل لکندڙ مٿان رکي ويندي هئي، جيڪو ان ايڊيٽوريل سان بخوبي نڀائيندو هو“. ميڊيا جيتري ترقي ڪئي آهي، سنڌي ميڊيا ۾ جيترا ادارا وڌيڪ ٿيا آهن، جيتريون سهولتون ۽ آسانيون وڌيون آهن ائين ئي الئي ڇو ادارن مان اهو اجتماعي مسئلن تي گڏيل موقف رکڻ جو رواج ئي ختم ٿي ويو آهي.
سنڌ ۾ صحافتي تنظيمون ڏينهون ڏينهن انگ جي حساب سان وڌي ويون آهن، هر سال يا هر ٻئي سال ڪا نه ڪا نئين تنظيم ”نيئن جوش ۽ ولولي“ سان ميدان ۾ اچي ٿي، تڪڙا تڪڙا هڪ ٻه ڪنوينشن، عهديدارن جي ”مقرري“، ميمبرشپ مهم ۽ پوءِ سال ۾ هڪڙو اڌ نام نهاد سيمينار (سيمينار مطلب آئوٽنگ، پڪنڪ ) وڏيون تقريرون، حوال ۽ الا الا خيرسلا.
آءُ اها ڳالهه وڏي واڪي چوندو رهيو آهيان ته صحافت ۽ ميڊيا جي ادارن جي موجوده حالت 2009 کان شروع ٿي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي ان وقت جي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت هڪ مڪمل ۽ گهڻ پاسائين رٿابندي تحت ورڪنگ جرنلسٽس خاص طور تي سنڌ دوست صحافين کي داڻو پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو؛ سچ پڇو ته شروع شروع ۾ اُهو سڀ ڪجهه اهڙِي ته هٿ جي صفائي سان ڪيو ويو جو چڱن ڀلن کي تڏهن خبر پئي جڏهن گهڻ جا تَرا نِڪري چڪا هئا. پيپلزپارٽي آصف زرداري جي اڳواڻي ۾ جهڙي طرح سياست خاص طور تي سنڌ جي سياست ۽ مجموعي طور صحافت خاص طور تي سنڌي صحافت کي پنهنجي چنبي ۾ ڀڪوڙي ورتو آهي، هاڻي وڏي عرصي تائين ان مان نڪرڻ ناممڪن ته ناهي پر ڏاڍو ڏکيو آهي. جيڪو به اهڙي ڪوشش ڪري ٿو ان سان اهڙي نموني سان چئني طرفن کان منجهايو ۽ چئوکُنڀو ٻڌو وڃي ٿو جو هُو ساهه کڻڻ ۾ ئي پورو هجي ٿو.
بحرحال اسان ان سموري صورتحال جي باوجود مايوس ناهيون، پير پيران ئي صحي پر پر پير پساري ويهي رهڻ کي گناهه سمجهندڙ اڃا ڪجهه ماڻهو آهن، جن جي ٽُڪُ ٽُڪُ نيٺ ڪو وڏو تحرڪ آڻيندي، بلڪل ائين ئي جيئن شهيد نصر الله گڏاڻي جي مسلسل جدوجهد ۽ نج عوامي خاص طور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي ڪنهن به لفظن جي جادوگري کانسواءِ سڌي ۽ سادي عوامي انداز ۾ ڀوتارگردي کي للڪاريون ۽ گهوٽڪي جهڙي ضلعي ۾ جتي پکي به سردارن جي حڪم سان اڏامندا هجن. اڄ ان ضلعي ۾ هٿين خالي نوجوان ڀوتارن جا پينافليڪس لاهي/ڦاڙي رهيا آهن، سموري سنڌ نصر الله گڏاڻي جو آواز ” ڀوتار ماءِ فوٽ / ڀوتار منهنجو جوتو“ جي نعري سان گونجي رهي آهي. وڏن وڏن صحافتي تنظيمن جا اڳواڻ جيڪي پاڻ کي نعوذبالله زميني خدا سمجهندا هئا اڄ اهي ڪنهن به ڀوتار سان گڏ تصوير ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي رکڻ کان ائين ٿا ووئون وڃن جيئن ڪانءُ وڃي ڪمان کان.
صحافتي تنظيمن جا اڳواڻ ( وڏي اڪثريت ، سڀ نه) به هاڻي جديد ڀوتارن جو روپ اختيار ڪري ويا آهن، جيڪي بت ڊهڻ شروع ٿي رهيا آهن.