جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي (ڪراچي ايئرپورٽ) جي آئوٽ سورس ۾ ڪراچي بيسڊ هڪ پاڪستاني ڪمپني به ڪراچي ايئرپورٽ جي آئوٽ سورس ٿيڻ ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري ڇڏي
ڪراچي ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ ۾ دلچسپي رکندڙ ڪمپني کي ملڪ جي اهم سياسي شخصيت جي مڪمل حمايت حاصل آهي، ايس آءِ ايف سي به هيل تائين ان تي ڪو اعتراض ناهي ڪيو
ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر سنڌ سماچار) سوشل ميڊيا تي وفاقي حڪومت پاران جناح انٽري نيشنل ايئرپورٽ ڪراچي وڪرو / آئوٽ سورس ڪرڻ جون خبرون وائرل، ايئرپورٽ جي وڪري بابت وفاقي حڪومت تصديق يا ترديد نه ڪئي، سنڌ جي عوام ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل. رپورٽ مطابق گذريل ڏينهن کان جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي، جيڪو ڪراچي ايئرپورٽ جي نالي سان ئي مشهور آهي، ان جي وڪرو ٿي وڃڻ بابت سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو مواد شيئر ڪيو پيو وڃي، ڪراچي ايئرپورٽ جي وڪري واري خبر ايڪس / ٽويٽر ۽ فيس بڪ سميت سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس تي تيزي سان پکڙجي وئي آهي. ڪراچي ايئرپورٽ جي وڪري وارين سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي هيل تائين ڪنهن به لاڳاپيل اٿارٽي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي.
سنڌسماءَچار پاران ان سلسلي ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ( سِي اَي اَي ) ۽ پي آءِ اَي سميت ڪرائي ايئرپورٽ سان لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو ويو. رابطن دوران مليل ڄاڻ مطابق، ڪراچي ايئرپورٽ هيل تائين وڪرو يا آئوٽ سورس ناهي ڪيو ويو، ملڪ جا ٽَي اهم ايئرپورٽس اسلام آباد آباد، علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور (لاهور ايئرپورٽ) ۽ ڪراچي ايئرپورٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت آئوٽ سورس ڪرڻ جو فيصلو ڪجهه سال اڳ ڪيو ويو هو، حڪومت جي اهڙي فيصلي کانپوءِ عالمي ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪرڻ شروع ڪئي هئي، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ سورس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن لاءِ مختلف قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد گذريل جون مهيني جَي آخري هفتي دوران ٽِن کان وڌيڪ اجلاس ٿيا جن ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيئيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي نمائندي به شرڪت ڪئي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ٻين ملڪن سان گڏ قطر، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب جي ملڪي ۽ خانگي ڪمپنين اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽ جي آئوٽ سورس ۾ حصيداري لاءِ دلچسپي ڏيکاري.
ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ڪراچي ايئرپورٽ جي آئوٽ سورس ۾ ڪراچي بيسڊ هڪ پاڪستاني ڪمپني به ڪراچي ايئرپورٽ جي آئوٽ سورس ٿيڻ ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري آهي، جنهن کي ملڪ جي اهم سياسي شخصيت جي مڪمل حمايت حاصل آهي، ايس آءِ ايف سي به هيل تائين ان تي ڪو اعتراض ناهي ڪيو.
ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي ائيپورٽ وڪرو ناهي ٿيو، ان سميت ڪو به ايئرپورٽ وڪرو ڪرڻ ته حڪومتي جي پروگرام جو حصو به ناهي، اُهي ايئرپورٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جو منصوبو ضرور آهي.
مليل ڄاڻ مطابق پي پي آر اي آرڊيننس 2002 جي ضابطن 36 ۽ 40 کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ کي پي پي پي منصوبي جي طور تي آئوٽ سورس ڪرڻ لاءِ مالي بڊنگ ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
هوابازي واري وزارت21 جون2024جي هڪ خط ۾، پي پي آر اي کي درخواست ڪئي ته اهو معاملو ان جي بورڊ جي سامهون رکي ته جيئن پبلڪ پروڪيورمينٽ (پي پي) رولز2004جَي ضابطي36جي لاڳو ٿيڻ کان ڇوٽ جي سفارش ڪري، جنهن جي ٻئي دور جي ٻولي لڳائڻ جي اجازت ڏني وڃي. پي پي پي پروجيڪٽ پي پي آر اي آرڊيننس2002جي سيڪشن21 جي شرطن ۾، يا معاملي ۾ ڪنهن ٻئي قانوني طريقي سان عمل ڪرڻ جي صلاح ڏيو.