Saturday , December 21 2024

شڪارپور پوليس هڪ سئو کان وڌيڪ اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

شڪارپور ضلعي جي صرف رستم ٿاڻي جا هڪ سئو ڏوهاري ڪيترن ئي سالن کان اشتهاري هنجڻ باوجود گرفتار ڪرڻ ۾ پوليس ناڪام، سيشن جج شڪارپور آءِ جي سنڌ کي12آگسٽ تائين ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جو حڪم

شڪارپور ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شڪارپور پوليس مختلف ڪيسن ۾ گهربل هڪ سئو اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام،عدالت آءِ جي سنڌ کي اشتهاري ڏوهاري ٻارنهن آگسٽ تائين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور، آءِ جي کي خط لکي سختي سان هيات ڪئي آهي ته رستم ٿاڻي تي داخل 18 ڪيسن جا هڪ سئو ڏوهاري ورهين کان اشتهاري قرار ڏنل آهن پر پوليس انهن جي گرفتاري لاءِ ڪا به تسلي بخش ڪارروائي ناهي ڪئي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منو مل آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته رستم ٿاڻي تي داخل مختلف نوعيتن جي ارڙنهن ڪيسن ۾ 100کان وڌيڪ جوابدار سالن کان مفرور آهي، پوليس کي ڪيترائي ڀيرا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ حڪم ڏنا آهن پر انهن تي عمل ناهي ٿيو.

سيشن جج شڪارپور آءِ جي لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته عدالت جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي به خط لکيو پر بدقسمتي سان سنڌ پوليس انهن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ ڪري، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيسن جي ٻڌاڻي دوران اي ايس پي سٽي کي اشتهاري ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ۽ ضلعي پوليس جا آفيسر عدالت کان ڪجهه فاصلي تي هجڻ باوجود عدالت ۾ به پيش ٿيڻ لاءِ تيار ناهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته اي ايس آءِ عبدالرزاق مهر پيش ٿي عدالت کي آگاهي ڏني ته ايس ايڇ او سنڌ هاءِ ڪورٽ ويل آهي، ضلعي جي سڀ کان وڏي پوليس اسٽيشن رستم کي هيڊ ڪانسٽيبل قربان ڪڪڙاڻي هلائي رهيو آهي، جيڪو عمل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن خال آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خط ۾ آءِ جي سنڌ کي تنبيهه ڪندي چيو آهي ته عدالت اڃا به نرم رويو اختيار ڪري رهي آهي، تنهن ڪري توهان هن خط کي سنجيدگي سان وٺو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڊي آءِ جي سطح جي آفيسر کي سختي سان هدايت ڪيو قتل ڪيسن جا جوابدارفوري طور گرفتار ڪيا وڃن. آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي معاملو اوهان تائين پهچي ويو آهي، ايندڙ ٻڌڻي 12 آگسٽ تي آهي، جيڪا اوهان پاڻ ڏسندا، عدالت جي حڪم تي عمل نه ٿيو ته سخت ڪارروائي وئي ويندي.

About admin

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *