اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام کي هڪ نئون آسرو ڏيندي اعلان ڪيو آهي ته، بجلي في يونٽ 8 کان 10 رپين تائين ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت پنج آءِ پي پيز سان معاهدو به ختم ڪري ڇڏيو. اسلام آٻاد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزيراويس لغاري اسلام چيو آهي ته بجلي جي قيمتن کي عوام جي پهچ ۾ آڻڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ 8 کان 10 مهينن اندر بجلي جي في يونٽ جو اگهه 8 کان 10 رپين تائين ڪجي. هن چيو ته پنج آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪري رهيا آحيون، اهي آءِ پي پيز ڪمپنيون به راضي ٿي ويون آهن.
Check Also
پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف
ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …