Wednesday , January 8 2025

جيئي سنڌ قومي محاذ ( بشير خان قريشي ) جي نيشنل ڪانگريس، مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽي قائم

جسقم بشير خان جي مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽي قائم، چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ڊپٽي آرگنائيزر سرفراز ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو،  فقير امداد منگي، پنهل ساريو، اڪبر مڪول، نجف لغاري ۽ نصرﷲ ڪلادي ميمبر مقرر،

سن (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) قومي تحريڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ورهائجي وئي، جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان قريشي) جو باضابطا طور اعلان، هڪ سال لاءِ مرڪزي آرگنائينگ ڪميٽي قائم، سن ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار جي اڱڻ تي جسقم (بشير خان) جي قومي ڪانگريس، مرڪزي اڳواڻن چاچا سرفراز ميمڻ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي سربراهي ۾ قومي ڪانگريس،20ضلعن جي آرگنائيزز شرڪت ڪئي. ڪانگريس ۾ جسقم بشير خان جي مرڪزي آرگنائينگ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جو چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ڊپٽي آرگنائيزر سرفراز ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو،  فقير امداد منگي، پنهل ساريو، اڪبر مڪول، نجف لغاري ۽ نصرﷲ ڪلادي ڪميٽي جا ميمبر هوندا.

جيئي سنڌ قومي محاذ اندر هلندڙ اختلافن کانپوءِ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، فقير امداد منگي، شاذ خادم شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  سنڌ جي سمورن مسئلن تي سرگرم رهندڙ اڻ اعلانيل جسقم بشير خان ڪجهه مهينا اڳ سنڌ جي20ضلعن ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽيون جوڙي يونٽ سطح تي سرگرميون ڪيون ويون. ڇنڇر چار جنوري 2025 تي سن ۾ مرڪزي نينشل ڪانگريس ڪوٺائي وئي. ڪيترا ئي ڪلاڪ هلندڙ جسقم بشير خان جي نيشنل ڪانگريس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، فقيرامداد منگي، پنهل ساريو، جساف جي چيف آرگنائيزر حنان عباسي ۽ چيو ته 2017کان پوء اليڪشن ناهي ڪرائي وئي، آئين پارٽي جي مطابق ٻن سالن اندراليڪشن ڪرائڻ لازمي آهي پر لڳ ڀڳ ستن سالن تائين جسقم جي اليڪشن ناهي ڪرائي وئي، انڪري موجوده باڊي غيرآئيني آهي. اڳواڻن چيو ته اسان سمورا ضلعا مڪمل ڪري ضلعن جون چونڊون ڪرائينداسين ۽ ايندڙ سال ڊسمبر ۾ مرڪز جي اليڪشن ڪرائينداسين.

جسقم بشير خان جي اڳواڻن چيف آرگنائيزر سرفراز ميمڻ ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڪانگريس کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته سترهين جنوريءَ تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تقريب سن ۾ ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويندو، اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف 17هين جنوريءَ تي انڊس هاءِ وي کان سائين جي ايم سيد جي مزار تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. ڪانگريسن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته، سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف هڪ منظر جدوجهد لاءِ سمورين سنڌ دوست ڌرين سان رابطا ۽ ملاقاتون ڪري گڏيل احتجاج ڪيو ويندو، جنهن لاءِ ڪمون شهيد يا ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو هڻڻ جي تجويز ڏني وئي، ڪانگريس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ان سلسلي ۾ ٻين پارٽين ۽ سنڌ دوست ڌرين سان رابطا ڪري ڌرڻي جي هنڌ جو تعين ڪيو ويندو.

نيشنل ڪانگريس کي خطاب ڪندي اڳواڻن اعلان ڪيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ڀرپورنموني سان ملهائي ويندي، شهيد بشيرخان قريشي جي جسقم کي 2017 کان پوء ٻيهر فعال ڪنداسون ۽ شهيد جي خواب کي سانڀيا ڪنداسون، جسقم بشيرقريشي هڪ سال جي لاء ايڊهاڪ تي هوندي. جسقم بشيرقريشي جا سمورا فرنٽ جنهن ۾ ناري تحريڪ، پورهيت سنگت ۽ ٻيا فرنٽ بحال ڪيا ويندا ويندا ۽ انهن کي آرگنائيز ڪيو ويندو.

Advertisement

About admin

Check Also

پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ سيڙپ لاءِ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ معاهدن جون تياريون مڪمل

سعودي عرب، گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپ ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *