Thursday , January 16 2025

پي ٽي آءِ چيئرمين جي آرمي چيف سان ملاقات، حڪومت سان به ڳالهيون جاري

پي ٽي آءِ چيئرمين جي آرمي چيف سان ملاقات، بئريسٽر گوهر ملاقات جي ترديد ۽ علي امين گنڊاپور تصديق ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات، بئريسٽر گوهر ملاقات جي ترديد ۽ علي امين گنڊاپور تصديق ڪري ڇڏي. ميڊيا رپورٽس مطابق، آرمي چيف جي گذريل سومر ڏينهن پشاور جي دوري دوران ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت مختلف سياسي اڳواڻن ۽ قبائلي معززين سان ملاقات ڪئي، ان دوران آرمي چيف سان پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جي به ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن لاءِ بئريسٽر گوهر کي فون ڪري هنگامي طور اسلام آباد کان پشاور پهچڻ جو پيغام پهچايو ويو. آرمي چيف ۽ بئريسٽر گوهر وچ ۾ ملاقات تمام گهڻي ڊگهي وقت تائين خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ۽ تحريڪ انصاف جي جيلن ۾ بند ڪارڪنن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. بئريسٽر گوهر، آرمي چيف سان ڪنهن به ملاقات جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪا به ملاقات ناهي ٿي، اهڙين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي. ان سلسلي ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ملاقات جي تصديق ڪندي چيو آهي ته، بئريسٽر گوهر آرمي چيف سان ملاقات ڪئي آهي ۽ اها ملاقات پشاور ۾ ٿي، جنهن ۾ باني پي ٽي آءِ جي رضامندي شامل هئي يا ان بابت باني سان ملاقات بعد ئي ڪجهه چئي سگهي ٿو، علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ ڪي  پي ۾ امن امان جي صورتحال ڳالهه ٻولهه ٿي.

About admin

Check Also

پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ سيڙپ لاءِ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ معاهدن جون تياريون مڪمل

سعودي عرب، گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپ ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *