سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي پوکي80سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي وئي، وڏن آبادگارن، ننڍن کاتيدارن ۽ هارين وونئڻ جي بدران ٻيا فصل پوکڻ تي مجبور، هڪ هزار کان وڌيڪ جننگ فئڪٽريون بند، هزارين پورهيت بيروزگار بڻجي ويا.
ڪاٽن ايرياز ۾ ڪمند، سارين ۽ اهڙن ٻين فصلن تي پابندي لڳائي وڃي: ڊاڪٽر جيسو مل / شام لال
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسسماءَچار) سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي پوکي80سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي وئي، وڏن آبادگارن، ننڍن کاتيدارن ۽ هارين وونئڻ جي بدران ٻيا فصل پوکڻ تي مجبور، هڪ هزار کان وڌيڪ جننگ فئڪٽريون بند، هزارين پورهيت بيروزگار. پاڪستان فيڊريشن آف چئمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ايگريڪلچر ٽاسڪ فورس جي چيئرمين شام لال منگلاڻي ۽ پاڪستان ڪاٽن جننگ ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر جيسو مل ليماڻي چيو آهي ته، وفاقي، سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن جي بي ڌياني، جعلي ٻجن، بي انتها ٽئڪسزسبب وونئڻن جي پوکي 80 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي، جنهن سان ڪچهه پئداوار انتهائي درجي تائين 15ملين ڳٺڙين مان گهٽجي صرف پنج ملين ڳٺڙين تائين محدود ٿي وئي آهي،جيڪا پيدا وارا ماضي ۾ 15 ملين بيلز کان به وڌيڪ هئي، جيڪا هر سال گهٽجي رهي آهي.
ڊاڪٽر جيسو مل ليماڻي فيڊيريشن هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، وونئڻن جي پئدا وارا خطرناڪ حد تائين گهٽجڻ جو وڏو ڪارڻ ٽئڪسز ۽ جعلي بج آهن، جنهن جي نتيجي ۾ وڏن آبادگارن سان گڏ ننڍن آبادگار توڙي هارين وونئڻن جي پوکي ختم ڪري ٻيا فصل پوکڻ شروع ڪيا آهن جن ۾ انهن مالي فائدو ٿئي ٿو، اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڦٽين جي خريداري لاءِ امدادي اگهه ڏئي خريداري ڪري ٿي جنهن سان آبادگار محفوظ رهي ٿو، انڪري ئي ڀارت ۾ ڪپهه جي پئداوار ڪنهن حد تائين بهتر آهي، جنهن ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم کنيا وڃن ٿا. ڊاڪٽر جيسو مل چيو ته پاڪستان ۾ ڪپهه جي في ايڪڙ پئداوار 17 کان 18 يا وڌ ۾ وڌ 20 مڻ في ايڪڙ آحي جڏهن ته ڀارت ۾ اها پئداوار في ايڪڙ 35 مڻن کان وڌيڪ آهي، جنهن جو مک ڪارڻ معياري ٻج به آهي.
ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان فيڊريشن آف چئمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي چيئرمين آن ايگريڪلچر شام لال منگلاڻي چيو ته جهڙي طرح ڪاٽن جنرز تي ته ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي ٿو پر ڪپهه امپورٽ ڪرڻ تي ٽيڪس ناهي، جنهن سان نه رڳو ڪاٽن جنرز پر آبادگار به متاثر ٿين ٿا، جنهن سان ڪپهه جي پئداوار متاثرٿي آهي، هن چيو ته ماضي ۾ فصلن جي پوکي لاءِ مخصوص علائقا هئا، ڪپهه وارنن علائقن ۾ ڪمند ۽ سارين جي پوکي تي پابندي هوندي هئي، هاڻي ائين ناهي رهيو، قانون موجود آهي پر ان تي ععمل نه ٿيو ڪيو وڃي، حڪومت ان تي سختي سان عمل ڪرائي ۽ وونئڻن جي پوکي وارن علائقن ۾ ڪمند ۽ سارين سميت ٻيا اهڙا فصل جن تي انهن علائقن ۾ پابندي هئي اها ٻيهر لڳائي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، آبادگارن کي ڦُٽين جو بهتر کان بهتر اگهه ڏيڻ لاءِ حڪومت کي ٻين فصلن جي امدادي اگهه وارو رواج قائم ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ڪپهه جي پئدا وار ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان کي ٽيڪسٽائل سيڪٽري لاءِ گهربل ڪپهه جي پئداوار ڏيڻ لاءِ اهو ئي مناسب طريقو آهي. ڊاڪٽر جيسو مل ۽ شام لال چيو ته ڪپهه جو فصل ٻوٽي کان ڪپهه ڏيڻ تائين سمورو معيشت جو اهم حصو آهي، ٻوٽو ٻارڻ، مال جي چاري ۾ به ڪم اچي ٿو، وونئڻن جو فصل رڳو ڪپهه نه پر ملڪي معيشت جو قومي ناڻو بچائڻ سان گڏ ايڪسپورٽ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، پر افسوس آهي ته حڪومت ان تي ڌيان نه ٿي ڏئي.
شامل لال جو چوڻ هو ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ پهريا 14سئو جي لڳ ڀڳ ڪاٽن جننگ فئڪٽريون هيون جن مان هاڻي مشڪل سان 4سئو بچيون آهن، هڪ هزار کان وڏيڪ ڪاٽن جننگ فئڪٽريون بند ٿيڻ سان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن جيڪو به معيشت جو نقصان آهي.