Friday , January 31 2025
Breaking News

سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ سنڌو مان ڪئنالن ڪڍڻ تي ڪم شروع

اسلام آباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ جي سخت اعتراضن ۽ سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ سنڌو درياءَ مان تڪراري 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو ڪم شروع ٿي چيڪو آهي، واپڊا اختيارين جو قومي اسيمبلي جي پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ انڪشاف. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ چيئرمين خالد حسين مگسي جي صدارت هيٺ ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ميمبرن جي سوال تي واپڊا اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ڪئنالن تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل / سي سي آءِ کان منظوري وٺڻ بنا ئي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

 اجلاس دوران پيپلزپارٽي جي ميمبر ابرار شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي ناھي، ماڻھو روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آھن، پاڻي آھي ئي نه ته ڪئنالن وارو منصوبو ڪيئن پيا شروع ڪيو ويو آهي. جاويد شاهه جيلاني چيو ته پنجاب جي حدن ۾ سنڌ جو پاڻي سالن کان چوري پيو ٿئي، مير منور ٽالپر چيو ته ارسا جي انگن اکرن موجب سنڌ گذريل 4 سالن کان لڳاتار 47 سيڪڙو پاڻي گهٽ کڻي رهي آهي، وفاق جو اھڙو رويو رھيو ته سنڌ جا ماڻھو لڏپلاڻ ڪري ويندا ۽ ڪاٺيون کائيندا، سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال قبول ناهي.

About admin

Check Also

بلاول ڀٽو زرداري هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ جو ميمبر مقرر

اسلام آباد (رپورٽر    سنڌسماءَچار ) وفاقي حڪومت سول سروسز  جَي گريڊ21 مان 22 جي ترقين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *